عبدالفتاح عبد بٺورائي

عبدالفتاح عبد بٺورائي

عبدالفتاح عبد بٺورائي

عبدالفتاح عبد بٺورائي: نامور شاعر عبدالفتاح ‘عبد’ بٺورائي 19 مارچ 1933ع تي ميرپور بٺوري، موجوده ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو. ايم. اي پوليٽيڪل سائنس مان ۽ ايل ايل بي لا ڪاليج، حيدرآباد مان ڪيائين. ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ رائيس مل ڪارپوريشن ۾ مئنيجر پڻ رهيو. اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. صحبت جي اثر هيٺ سندس لاڙو ادب طرف ٿيو. 1950ع ڌاري شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. شاعريءَ ۾ ‘عبد’ تخلص ڪتب آندو اٿس. ان کان سواءِ نثر ۾ پڻ ڪيترائي مضمون لکيا اٿس. سندس شاعري ۽ مضمون مختلف سنڌي رسالن: ٽماهي مهراڻ، نئين زندگي، پيغام ۽ ٻين ۾ ڇپيا. هي سنڌي رسالي ‘اخبار جهان’ جو ٻن سالن تائين سب ايڊيٽر پڻ رهيو. عمر جي پڇاڙيءَ ۾ ٺٽي جي ميمڻن مان شادي ڪيائين. جنهن مان کيس ڪو به اولاد نه ٿيو. هن 10 مارچ 2001ع تي وفات ڪئي. کيس ميرپور بٺوري جي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1933.03.19  عيسوي

شاعر عبدالفتاح ‘عبد’ بٺورائي 19 مارچ 1933ع تي ميرپور بٺوري، موجوده ضلعي سجاول ۾ جنم ورتو.


2001.03.10  عيسوي

عبدالفتاح عبد بٺورائي 10 مارچ 2001ع تي وفات ڪئي. کيس ميرپور بٺوري جي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اورنگزيب ڀٽي
صوفي غلام محمد فقير گل ٽالپر
تبسم عبدالغفار ڀٽي
اصغر سيتائي
سونو خان ملاح:
راشدي سيد محمد سليم شاهه
زبيده ميتلو
احسان علي
پريتم هنڱوراڻي
سلطان باهو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون